سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ مان 40 سيڪڙو وفاق کڻي ويندو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ مان ايندڙ پئسو ڪرپشن جي ور چڙهي رهيو آهي، اهڙي اين ايف سي ايوارڊ کي نٿا مڃون، جنهن سان سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ترقي نه ٿئي.
احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ان نظام تحت نٿو هلي سگهي، جتي اختيار هڪ وزيراعظم ۽ چئن وڏن وزيرن وٽ هجن، اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حصي مان 40 سيڪڙو وفاق کڻي ويندو آهي.
هن چيو ته اين ايف سي جا پئسا وڏي وزير وٽ ويندا آهن، جيڪي سڌو سنئون ڪرپشن جي ور چڙهي ويندا آهن، اهڙي 18هين ترميم کي نٿا مڃون، جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ ترقي نه ٿئي.
مصطفيٰ ڪمال مطالبو ڪيو ته وفاق اين ايف سي ايوارڊ سڌو پي ايف سي کي ڏئي.
چونڊن جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي، نواب شاهه، حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن مان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.