پشاور (ويب ڊيسيڪ) سينٽرل جيل پشاور مان وڌيڪ 21 افغان قيدين کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ طورخم بارڊر روانو ڪيو ويو.
جيل انتظاميا موجب سينٽرل جيل مان ڊي پورٽ ٿيندڙ قيدين جو انگ 76 ٿي ويو آهي، جيل مان معمولي نوعيت جا 52 قيدي اربع ڏينهن ڊي پورٽ ڪيا ويا.
انتظاميا ٻڌايو ته 5 قيدي خميس ڏينهن سينٽرل جيل مان ڊي پورٽ ڪيا ويا، اڄ قيدي ٽرانزٽ سينٽر ۾ ضروري ڪارروائي کانپوءِ ڊي پورٽ ڪيا ويا.
انتظاميا موجب سينٽر ۾ سڀني قيدين جو معائنو به ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like