پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت ڪجهه غير قانوني پرڏيهين کي گرفتاري کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.
ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي ماڻهو، جن ٻين ملڪن جي سفارتخانن کي ويزا لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، کي گرفتار نه ڪيو وڃي.
پڌرائيءَ موجب غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي ڪجهه سببن جي بنياد تي پنهنجي وطن واپس نه پيا وڃڻ چاهين، ڪجهه غير قانوني پرڏيهين ٻين ملڪن کي ويزا لاءِ سفارتخانن ۾ درخواستون ڏنيون آهن.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اهي درخواستون پراسيس ۾ هجڻ سبب انهن کي گرفتاري کان ڇوٽ آهي، گهرو وزارت جي حڪم تي فهرستون پوليس کاتي، سمورن ڪمشنرن سان شيئر ڪيون ويون آهن.
You might also like