روس جوهري تجربن جي پابندي جي معاهدي جي منظوري رد ڪري ڇڏي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي ملڪ طرفان گڏيل جوهري تجربن تي پابندي جي معاهدي (سي ٽي بي ٽي) جي منظوري رد ڪري ڇڏي آهي.
ولاديمير پيوٽن هڪ قانون تي صحيحيون ڪيون آهن، جن جي تحت روس جوهري هٿيارن جي تجربن تي پابندي جي عالمي معاهدي جي منظوري واپس وٺي ڇڏي آهي.
روس جي وڏي ايوان اسٽيٽ ڊوما ان کان اڳ بل کي ووٽنگ ذريعي منظور ڪيو هو.
پيوٽن جي صحيح سان گڏ ئي اهو قانون فوري طور تي لاڳو ٿي ويو آهي پر اهو واضح ناهي ته ان کي رد ٿيڻ جي نتيجي ۾ روس جوهري هٿيارن جا تجربا شروع ڪندو يا نه.
واضح رهي ته ميڊيا رپورٽ موجب 1996ع جي معاهدي ۾ جوهري هٿيارن جي سڌي ريت تجربن سميت جوهري ڌماڪن کي منع قرار ڏنو ويو هو، جيتوڻيڪ اهو ڪڏهن به اثرائتو نه هو، ڇو جو ڪجهه اهم ملڪن ان جي منظوري جي نه ڏني هئي.
ماسڪو جو چوڻ آهي ته 1996 جي معاهدي کي ٿڏڻ جو مقصد روس کي آمريڪا جي صف ۾ آڻڻ آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب روس طرفان 6 آڪٽوبر تي معاهدي تان هٿ کڻڻ جي ارادي جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد اهو هو ته جوهري تجربن تي پابندي جي معاهدي (سي ٽي بي ٽي) جي منظوري رد ڪري ”عڪاسي ڪندڙ “بڻجي سگھجي، ڇو جو آمريڪا معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن پر ان جي منظوري ناهي ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.