فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 25 عرب گلوڪارن جو گڏيل ترانو جاري

غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ ظلمن خلاف مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 25 عرب ملڪن جي فنڪارن گڏجي نئون ترانو جاري ڪري ڇڏيو.
اولهه ايشيا ۽ اتر آفريقا 25 باصلاحيت فنڪارن ”راجعين“ طرفان دل کي وڻندڙ ترانو پيش ڪيو جنهن ۾ غزا ۾ جاري ظلمن کي به اجاگر ڪيو ويو آهي.
راجعين تراني ۾ اندر فلسطينين جي اسرائيلي ظلمن خلاف تاريخي مزاحمت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ انهن جي قربانين کي بيان ڪيو ويو آهي.


تراني مان حاصل ٿيندڙ سموري آمدني فلسطين جي چلڊرين رليف فنڊ لاءِ هوندي ۽ تراني جو مقصد عالمي برادري کي غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي.
سوشل ميڊيا تي عرب فنڪارن جي ان انوکي ڪوشش کي قدر جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي ۽ ٻين آرٽسن مان به اميد ڪئي پئي وڃي ته اهي به فلسطينين لاءِ آواز اٿاريندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.