چيني سمارٽ فون ڪمپني هواوي پنهنجي مشهور ”نووا“ سيريز جو مڊرينج بجيٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو جنهن کي ڪيمرائن جي حوالي سان بهترين قرار ڏنو پيو وڃي.
هواوي ”نووا 11 ايس اي“ کي طاقتور ڪيمرائن ۽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو آهي، ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون کي رڳو 32 منٽن ۾ فل چارج ڪري سگھجي ٿو.
فون کي 4500 ايم اي ايڇ جي بيٽري ۽ 66 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون کي رڳو 32 منٽن ۾ زيرو کان 100 سيڪڙو چارج ڪري سگھجي ٿو.
فون جي بيڪ تي ٽي جڏهن ته فرنٽ تي هڪ ڪيمرا ڏني وئي آهي جيڪا 32 ميگا پڪسل جي آهي، پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ۾ جديد ٽيڪنالوجي وارا لينس استعمال ڪيا ويا آهن.
”نووا 11 ايس اي“ جي بيڪ تي 3 ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جن مان مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻي 8 ۽ ٽين 2 ميگا پڪسل آهي.
اهڙي طرح فون کي ڪمپني پنهنجي آپريٽنگ سسٽم ”هارمون او ايس 4“ سان گڏ متعارف ڪرايو آهي جڏهن ته ان ۾ سنيپ ڊريگن جي چپ ڏني وئي آهي.
فون کي هڪ ئي 12 جي بي ريم جڏهن ته 256 ۽ 512 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
”نووا 11 ايس اي“ کي 67-6 انچن جي اسڪرين سان متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا فيچرز به ڏنا ويا آهن.
فون گھڻو سنهڙو ۽ ان جو وزن رڳو 186 گرام آهي، ان کي 4 مختلف رنگن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
فون کي شروعاتي طور تي رڳو چين ۾ ئي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويوآهي، پر جلد ان کي پاڪستان سوڌو ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.
فون جي پاڪستاني قيمت 82 هزار رپيا رکي وئي آهي، پر امڪاني طور تي ان کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ وقت وڌيڪ سستو ڪيو ويندو پر ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ اڳڪٿي هوندي.
Prev Post
You might also like