ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ آتشبازي نه ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي ) ماحولياتي گدلاڻ جي روڪٿام لاءِ آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران آتشبازي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بي سي سي جي سيڪريٽري جئه شاهه موجب، دهلي ۽ ممبئي ۾ ورلڊ ڪپ ميچن دوران آتشبازي نه ٿيندي.
دهلي ۽ ممبئي ۾ هوائي گدلاڻ خطري جي حد تائين وڌي چڪي آهي.
جئه شاهه وڌيڪ چيو ته آتشبازي سبب گدلاڻ وڌي ويندو آهي انڪري ايندڙ ميچن ۾ آتشبازي کان پاسو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.