فخر زمان جو فارم ۾ واپسي ۽ پليئر آف دي ميچ بڻجڻ کانپوءِ اهم بيان

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي جارحاڻي اوپنر فخر زمان وڏي وقت کانپوءِ پرفارم ڪري پليئر آف دي ميچ جو اعزاز حاصل ڪيو.
بنگلاديش خلاف 81 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏڻ کانپوءِ گفتگو ڪندي فخر زمان چيو ته ايشيا ڪپ کانپوءِ مان پريڪٽس سيشن ۾ سٺو پرفارم ڪري رهيو هيس پر ميچن ۾ وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيس.
هن چيو ته پارٽنرشپ دوران مان عبدالله شفيق کي چئي رهيو هيس ته شروعاتي 4 اوورن کانپوءِ وڏا شاٽ کيڏندس ۽ اهو ئي منهنجو رول آهي.
هن چيو ته 100 رنسن جي پارٽنرشپ کانپوءِ اسان نيٽ رن ريٽ تي ڌيان ڏنو، ڪيترين ئي ناڪامين کانپوءِ هاڻ ايندڙ ميچن ۾ به سٺو پرفارم ڪرڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.