سنجي دت ۽ بادشاهه سميت 40 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار، ميوزڪ پروڊيوسر، اداڪار ۽ فلمسازآدتيا پرتيڪ سنگهه سيسوڊيا جيڪو پيشيوراڻي طور تي بادشاهه جي نالي سان مشهور آهي ۽ بالي ووڊ جي مشهور ايڪشن هيرو سنجي دت سوڌو 40 ڄڻن خلاف ڊجيٽل پائريسي جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا موجب هڪ ميڊيا ڪمپني انهن سڀني شخصيتن تي پائريسي جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي.
ڪمپني جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ماڻهن آءِ پي ايل ميچز اسٽريم ڪرڻ جي حوالي سان رائيٽس جي ڀڃڪڙي ڪئي.
واضح رهي ته بادشاهه پاڻ خلاف داخل ٿيل ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ مهاراشٽرا جي سائبر آفيس ۾ پيش ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.