نواز شريف جو چئني صوبن جا دورا ڪرڻ جو فيصلو

رائيونڊ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي اهم اجلاس ۾ نواز شريف چئني صوبن جي دوري جو فيصلو ڪري ورتو.
ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.
ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نواز شريف چئني صوبن جا دورا ڪندو ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست لاءِ پارلياماني بورڊ جي نگراني به پاڻ ڪندو.
ذريعن ٻڌايو ته نواز شريف 10 نومبر کان ملڪ ۾ دورن جي شروعات ڪندو.
ذريعن موجب نواز شريف اجلاس سان خطاب ۾ چيو ته جيڪڏهن الله پاڪ وري اقتدار ڏنو ته انصاف جي ادارن کي مضبوط ڪنداسين.
رائيونڊ ۾ ٿيل اجلاس ۾ عرفان صديقي کي پارٽي منشور جوڙڻ جي ذميواري ڏني وئي.
نواز شريف هدايت ڪئي ته اهو منشور عوامي مسئلن ۽ جديد دور جي گهرجن موجب هجڻ گهرجي ۽ منشور ۾ انصاف جي نظام ۾ اهم ۽ بنيادي سڌارا تجويز ڪرڻ گهرجن.
هن چيو سڌارا تجويز ڪيا وڃن ته جيئن عام ماڻهو کي سستو، تڪڙو انصاف ملي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.