فيض آباد ڌرڻي دوران فيض حميد جو دٻاءُ هو: اڳوڻي پيمرا چيئرمين جو حلفي بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پيمرا چيئرمين ابصار عالم سپريم ڪورٽ ۾ حلفي بيان سان گڏ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي دوران پيمرا چيئرمين طور مون تي ۽ اختيارين تي فيض حميد جو دٻاءُ هو.
حلفي بيان ۾ ابصار عالم چيو ته اڳوڻي ڊي جي سي فيض حميد صحافي نجم سيٺي خلاف ايڪشن وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو، فيض حميد، حسين حقاني تي پابندي لاءِ به دٻاءُ وڌو پر سندس مطالبو پورو نه ڪيو ويو، فيض حميد ۽ ان جي ماتحت آفيسر ٽي وي چئنلن تي دٻاءُ وجهندا آهن.
ابصار عالم حلفي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اپريل 2017 ۾ وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي خط لکيو، خط ۾ ٻڌايو هو ته پيمرا اختيارين کي هراسان ۽ مفلوج ڪيو پيو وڃي.
اڳوڻي پيمرا چيئرمين چيو ته پريس ڪانفرنس ڪري ڌمڪي وارين ڪالز جو سلسلو بي نقاب ڪيو هو، مئي 2017 ۾ جيو ۽ ڊان کي اصل نمبرن تي بحال ڪيو، فيض آباد ڌرڻي ۾ پيمرا قانون جي ڀڃڪڙي تي هڪ نجي چئنل کي بند ڪيو.
سندس موجب هڪ چئنل بند ڪيو ته فيض حميد ٻين چئنلن کي به بند ڪرڻ جو چيو، 25 نومبر 2017 ۾ مريم اورنگزيب سڀني ٽي وي چئنلن تي پابندي جو چيو، مريم اورنگزيب کي ٻڌايو ته ڪابينا منظوري کانپوءِ حڪومتي هدايتن تي چئنل بند ڪري سگهون ٿا.
ابصار عالم چيو ته فيض آباد ڌرڻي دوران سمورا ٽي وي چئنل بند ڪيا ويا هئا، فيض آباد ڌرڻي دوران چئنل بندش جي هدايت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڏني.
اڳوڻي پيمرا چيئرمين حلفي بيان ۾ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ چئنل بند ڪيا، ان تي ٻه سالن کانپوءِ مون کي عهدي تان هٽايو ويو، منهنجو جواب حقيقتن تي ٻڌل آهي، جنهن کي حلفي بيان سان گڏ جمع ڪرائي رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ فيض آباد نظرثاني ڪيس ۾ حلفي بيان ۽ جواب کي رڪارڊ جو حصو بڻائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.