ڪراچي: سي ٽي ڊي هٿان ايم ڪيو ايم لنڊن جو خطرناڪ ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر رحمان قريشي عرف ببلو کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ڪيترن ئي سياسي مخالفن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي.
ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي لائنز ايريا ۾ ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي انچارج چوڌري صفدر ٻڌايو ته جوابدار رحمان قريشي عرف ببلو وٽان غير قانوني هٿيار به برآمد ٿيو، گرفتار جوابدار نارٿ ڪراچي ڪلنگ ٽيم جو ميمبر رهيو آهي.
هن چيو ته جوابدار ڪيترن ئي سياسي مخالفن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي، رحمان قريشي 2011 کان 2013 تائين 7 ڄڻن کي قتل ڪيو، جڏهن ته 2011 ۾ نيو ڪراچي ۾ ٻين ساٿين سميت زبير کي قتل ڪيو.
سي ٽي ڊي انچارج موجب جوابدار نارٿ ڪراچي ۾ شاهه رخ عابد ۽ طلحه جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي، مارجي ويل ٽنهي ڄڻن جو واسطو مخالف پارٽي سان هو.
چوڌري صفدر وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار سرجاڻي ۾ مخالف پارٽي جي ڪارڪن حامد ۽ عورت کي قتل ڪيو ۽ خواجا اجمير نگري ۾ اڻڄاتل شخص کي گوليون هڻي ماريو، لاڳاپيل ٿاڻن مان رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.