ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس سان واسطو رکندڙ 26 ورهين جي عورت 22 ٻارن جي ماءُ بڻجي وئي پر ڳالهه رتو اتي ختم نٿي ٿئي عورت 105 ٻارن جي ماءُ بڻجڻ جي خواهشمند به آهي.
يقينن اوهان به اهو ڄاڻي دنگ رهجي ويا هوندا ته ايتري ننڍي عمر ۾ روسي عورت 22 ٻارن جي ماءُ ڪيئن بڻجي وئي؟ ڇو جو اهو نه رڳو صحت پر فطري طور تي تقريبن ناممن آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي ان رپورٽ ۾ 26 ورهين جي عمر ۾ 22 ٻارن جي ماءُ بڻجڻ جي حقيقت به ٻڌائي وئي آهي.
رپورٽ موجب 26 ورهين جي عورت ڪرسٽينا اوزترڪ جو واسطو روس سان آهي جنهن کي ماءُ بڻجڻ گھڻو پسند آهي، روسي عورت پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو هن جو پهريون اولاد ڌيءَ وڪٽوريا هئي جيڪا هن جي پنهنجي پيٽ مان ڄائي هئي، ان ٻارڙي جي عمر هاڻي 9 سال آهي جڏهن ته عورت جا ٻيا 21 ٻار سروگيسي سان ڄاوا آهن.
سروگيسي ڇا آهي؟
ان عمل ۾ والدين جا جُزا حاصل ڪري ليبارٽري ۾ ايمبريو بڻايو ويندو آهي، پوءِ ان کي ڪنهن ٻي عورت (جيڪا ان جوڙي جي ٻار کي ڄڻن لاءِ تيار هجي) جي يوٽرس (ٻچي داني) ۾ انجيڪٽ ڪيو ويندو آهي.
پوءِ 9 مهينن اها ماءُ ان جوڙي جي ٻار کي پنهنجي ڪُک ۾ پاليندي آهي، يعني جينياتي طور تي ٻار جوڙي جو ئي هوندو آهي رڳو ٻچي داني ڪنهن ٻئي جي استعمال ڪئي ويندي آهي، اهي عورتون جن جي عمر وڌيڪ هجي يا انهن کي هارمونل مسئلا هجن. انهن کي ڊاڪٽر سروگيسي جو مشورو ڏيندا آهن.
رپورٽ موجب عورتن جي شادي هن کان 32 سال وڏي عمر جي شخص سان ٿي جيڪو ڪارباري آهي ۽ هڪ هوٽل جو مالڪ آهي پر بدقسمتي سان منشيات هو جيل هليو ويو هو.
عورت ٻڌايو ته مڙس جي جيل وڃڻ جي باوجود سروگيسي جي مدد هوءَ 2020ع ۾ ئي 20 ٻارن جي ماءُ بڻجي چڪي هئي، 2021ع ۾ سروگيسي جي مدد سان هڪ ٻيو ٻار ڄائو پر هاڻي هو 105 ٻار ڄڻڻ جي خواهشمند آهي.
رپورٽ موجب عورت طرفان هلندڙ سال فيبروري ۾ پنهنجن ٻارن جي حُالي سان هڪ ڪتاب به ڇپرايو ويو جنهن ۾ هن سروگيسي سان ماءُ بڻجڻ، ٻار جي پالڻا سوڌو ٻين تجربن کي لکيو.
ڪرسٽينا اوزترڪ ٻڌايو ته هن مارچ 2020ع کان جولاءِ 2021ع وچ ۾ سروگيسي تي تقريبن 1.4 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 21 ٻارن جي سار سنڀال لاءِ ڪرسٽينا جي گھر ۾ 16 دائيون ڪم ڪري چڪيون آهن جن کي 68 لک رپين کان وڌيڪ پگھار ڏني وئي.
You might also like