قبيلائي جهيڙي دوران 6 ڏينهن ۾ 20 ڄڻا مارجي چڪا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ گذريل 6 ڏينهن کان جاري قبيلائي جهيڙي ۾ هيل تائين 20 ڄڻا مارجي چڪا آهن جڏهن ته 41 زخمي ٿي چڪا آهن.

ڪرم ۾ مختلف ماڳن تي قبيلن وچ ۾ چڪريون جاري آهن جن ۾ وڌيڪ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب جهيڙي دوران راڪيٽ ۽ مشين گن سميت ٻين خطرناڪ هٿيارن جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

ڇڪتاڻ سبب ضلعي ڪرم ۾ اچ وڃ جا رستا ۽ انٽرنيٽ سروس بند آهي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ ٿي پئي آهي.

تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري سرگرميون به معطل ٿي ويون آهن.

پوليس جهيڙو ٽارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.