مولانا طارق جميل جو پٽ مارجي ويو

ملتان (ويب ڊيسڪ) مشهور مذهبي  اسڪالر مولانا طارق جميل جو پٽ عاصم جميل  پراسرار نموني  گولي لڳڻ سبب مارجي ويو آهي.

ان سلسلي ۾ آر پي او ملتان سهيل چوڌري چيو آهي ته مولانا طارق جميل جو پٽ عاصم جميل کي سيني ۾ گولي لڳي آهي.

هن  چيو ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مولانا طارق جميل پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اڄ منهنجو پٽ عاصم جميل تلمبه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ان حادثاتي موت ماحول کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته اوهان سڀني کي گذارش آهي ته ان ڏک جي موقعي تي اسان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد رکو، الله منهنجي پٽ کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

چيو پيو وڃي ته واقعو آپگهات جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.

ياد رهي ته مولانا طارق جميل مشهور مذهبي اسڪالر آهي جيڪو تبليغي جماعت سان به واسطو رکي ٿو.

سڄي دنيا ۾ سندس ڪيترائي چاهيندڙ آهن جيڪي هن جا بيان ٻڌندا آهن.

نه رڳو مذهبي پر سماجي ڪمن ۾ به مولانا طارق جميل اڳڀرو رهندو آهي.

مولانا طارق جميل جو ڪپرن جو برينڊ پڻ آهي.

مذهبي شخصيت مولانا طارق جميل جا سوشل ميڊيا تي لکين فالوورز آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.