تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل غزا جي 53 هنڌن تي نسل ڪشي ڪندي وڌيڪ 377 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
اسرائيل طرفان حماس جي هوائي آپريشن جي سربراهه سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
فلسطين جي صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان جاري بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 8000 کان وڌي ويو جڏهن ته 22 هزار ماڻهو زخمي آهن.
صحت جي وزارت ٻڌايو ته اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين ۾ اڌ انگ ٻارن جو آهي، اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيلن ۾ 3631 ٻار ۽ 1872 عورتون به شامل آهن.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حملن کي آزادي لاءِ ٻي جنگ قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته حماس خلاف جنگ ڏکي ۽ ڊگھي هوندي.
You might also like