نيڌرلينڊز، بنگلاديش کي 87 رنسن تان هارائي ورلڊ ڪپ جو ٻيو اَپ سيٽ ڪري ڇڏيو

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 28 هين ميچ ۾ نيڌرلينڊز، بنگلاديش کي 87 رنسن تي هارائي ڇڏيو.

نيڌرلينڊز، بنگلاديش کي کٽڻ لاءِ 230 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم جو ڪو به بيٽر ڊِچ بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو  ۽  سموري ٽيم 43 هين اوور ۾ 142 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

بنگلاديش طرفان مهدي حسن ميراز 35 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، محمد الله ۽ مستفيض الرحمان 20،20 رنسون ٺاهيون.

نيڌرلينڊز طرفان پائول وين ميڪرين چار، بيس ڊي ليڊا ٻه، آريان دت، لوگن وين بيڪ ۽ ڪولن ايڪرمن، هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ان  ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾ نيڌرلينڊز ڪپتان اسڪائوٽ ايڊروڊز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

نيڌرلينڊز پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 229 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

ڊِچ ٽيم جي ڪپتان اسڪائوٽ ايڊورڊز 68 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ان کانسواءِ ويزلي بريسي 41 ۽ سائيبرانڊ 35 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش طرفان مستفيض الرحمان، شريف السلام، مهدي حسن ۽ تسڪين احمد ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

شاندار بالنگ تي وين پائول ميڪرين کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.