دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ڀارت ۾ جاري ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏيل اهم ميچ ۾ ڊي آر ايس جي غلطي تسليم ڪري ورتي.
گذريل ڏينهن چنائي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏني هئي.
ورلڊ ڪپ جي 26 هين ۽ اهم ترين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ هڪ وڪيٽ تان شسڪت ڏني، ڏکڻ آفريڪا پاڪستان جو 271 رنسن جو هدف نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 48 هين اوور ۾ پورو ڪيو.
ميچ ۾ هڪ موقعو اهڙو به آهي جڏهن ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ اٺ رنسون ۽ پاڪستان کي فتح لاءِ هڪ وڪيٽ گهربل هئي.
ان دوران حارث رئوف ڏکڻ آفريڪا جي ٽيل اينڊر بيٽر تبريز شمسي کي بال هلايو جيڪو سندس پيڊ تي لڳو، پاڪستان طرفان ايل بي ڊبليو جي اپيل ڪئي وئي پر آن فيلڊ امپائر ناٽ آئوٽ ڏنو جنهن تي گرين شرٽس ريويو ورتو.
ريويو ۾ نظر آيو ته حارث رئوف جو بال وڪيٽ کي هٽ کي معمولي ڇهي رهيو آهي پر آن فيلڊ امپائر طرفان ناٽ آئوٽ ڏنو ويو هو انڪري هو امپائر ڪال سبب ريوويو باوجود به ناٽ آئوٽ ئي رهيو.
جيڪڏهن آن فيلڊ امپائر حارث جي بال تي آئوٽ ڏئي ها ته پاڪستان ميچ کٽي وڃي ها جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ريوويو وٺي ها تڏهن به آئوٽ ئي قرار ڏنو وڃي ها.
ان فيصلي تي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽرز هرڀجن سنگهه به آءِ سي سي تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته خراب امپائرنگ ۽ قانون پاڪستان جي شڪست جو سبب بڻيا، آءِ سي سي کي اِهو قانون تبديل ڪرڻ گهرجي.
He was not out according to me .. but tech was there to give him out as umpire gave him out.. otherwise umpire would hv looked bad for wrong decision.. they saved the umpire there not the player who could have won the game easily for SA https://t.co/8aZXAWjaZR pic.twitter.com/FMZCZ5MTY2
— Harbhajan Turbanator (@harbhajan_singh) October 27, 2023
هن چيو ته جيڪڏهن بال اسٽمپ تي لڳي رهيو آهي ته پوءِ فيلڊ امپائر آئوٽ ڏنو يا نه ناٽ آئوٽ ڏنو ان سان ڪو فرق نه پوڻ گهرجي ۽ اِهو آئوٽ قرار ڏيڻ گهرجي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران هڪ ٻئي فيصلو به سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل رهيو جنهن تي آءِ سي سي کي وضاحت به ڏيڻي پئي.
ڏکڻ آفريڪا جي اننگز جي 19 هين اوور ۾ اساما مير جي هڪ بال پروٽيز بيٽر رسي وين ڊر ڊوسن جي پيڊ تي لڳو ، اساما مير طرفان زوردار اپيل ڪئي وئي جنهن تي امپائر پائول رائفل کيس آئوٽ قرار ڏنو.
پروٽيز طرفان امپائر جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو ۽ جڏهن ٽي وي تي ڊي آر ايس ٽيڪنالاجي ذريعي بال کي ڏيکاريو ويو ته اساما مير جو فليپر بال پهريان وڪيٽن کان گهڻو ٻاهر ويندي نظر آيو پر ڪجهه ئي لمحن کانپوءِ هڪ ٻئي ٽي وي ري پلي ۾ ڏيکاريو ويو جنهن تي بال وڪيٽن کي ڇهي رهيو هو.
اِهو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ آءِ سي سي کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جنهن تي آءِ سي سي کي وضاحت ڏيڻي وئي.
ٻئي پاسي آءِ سي سي به اهم ميچ دوران ڊي آر ايس جي هڪ غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.
آءِ سي سي طرفان پنهنجي غلطي قبول ڪندي ٻڌايو ته پهريان نظر آيو ته ڊي آر ايس ري پلي ۾ غلطي ٿي هئي جڏهن ته ٻيو ڊي آر ايس ري پلي درست هو انڪري وين ڊر ڊوسن کي 21 رنسن تي آئوٽ قرار ڏنو ويو ڇو ته اساما مير جي فليپر جو سڌو بال وڪيٽن کي ڇهي رهيو هو.