اکين جي اشارن سان ڪنٽرول ٿيندڙ سمارٽ فون متعارف

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ”آنر“ (Honor) اهڙو سمارٽ فون ماڊل متعارف ڪرايو آهي، جنهن کي اوهان اکين سان ڪنٽرول ڪري سگھو ٿا.
رپورٽ موجب سمارٽ فون ماڊل کي ”ميجڪ 6“ جو نالو ڏنو ويو آهي ان جو اعلان آنر طرفان ڪوالڪوم 2023ع سنيپ ڊريگن ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو آهي.
ڪانفرنس ۾ ان سمارٽ فون جي اکين سان ڪنٽرول ٿيڻ جي فيچر جو مظاهرو هڪ وڊيو ذريعي ڪيو ويو. وڊيو ۾ هڪ عورت ميجڪ 6 تي مشهور آن لائين ٽيڪسي سروس ”اوبر“ جي ايپ کوليندي نظر اچي ٿي ۽ اها ايپ تي پنهنجي روٽ کي اسڪرين کي ٽچ ڪرڻ کانسواءِ رڳو اکين سان زوم آئون ڪري ٿي.
ڪانفرنس ۾ ميجڪ 6 جي ٻين فيچرز بابت ناهي ٻڌايو ويو ۽ نه ئي ان کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي حتمي تاريخ ٻڌائي وئي آهي. پر ڪوالڪوم طرفان ڪانفرنس ۾ چيو ويو اهي ته ان جي نيئن ”چپ سيٽ“ رکندڙ سمارٽ فونز ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.