گھرن جي صفائي سٿرائي ۾ ڪچن لازمي جُز آهي جتي استعمال ٿيندڙن ٿانون کي به صاف رکڻب گھڻو ضروري آهي.
شيشي جي ٿانون کي ڳالهه ڪجي ته صاف چمڪندڙ شيشي جا ٿانو ڪنهن کي ناهن وڻندا. پر شيشي جي گلاس تي موجود داغ ڏسي ڪنهن جي پاڻي پيئڻ تي دل چوندي.
انهن داغن کي صاف ڪرڻ عورتن لاءِ امتهان کان گھٽ ناهي هوندو، هيٺ بيان ڪيل جادوئي ٽوٽڪن جي مدد سان انهن شيشي جي ٿانون کي سولائي سان صاف ڪري سگھجي ٿو.
سُرڪي ۾ ڀڄائي رکو
سرڪي ۾ موجود ايسڊ سخت پاڻي جي معدنيات کي سولائي سان ڳارڻ جي خاصيت رکي ٿو.
شيشي جي ٿانون کي چمڪائڻ لا3 انهن کي اڇي سرڪي ۾ پنجن کان ستن منٽن لاءِ ڀڄائي ڇڏڻ انهن داغن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪم جو ثابت ٿي سگھي ٿو.
ڀچائڻ کان پوءِ انهن کي ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو ۽ صاف ڪپڙي سان خشڪ ڪري وٺو.
بيڪنگ سوڊا
بيڪنگ سوڊا به داغن کي ختم ڪرڻ لاءِ بهترين چونڊ آهي، ان کي پنهنجين آڱرين سان شيشي جي ڪنهن ٿانو تي ڪجهه دير لاءِ هوريان رهڙيو.
خيال رهي ته رهڙڻ کان اڳ ان ۾ ٿورو پاڻي شامل ڪريو.
اخبار جو استعمال ڪريو
شيشي جي ٿانون کي چمڪائڻ جو اهو صديون پراڻو طريقو اثرائتو آهي، اخبار تي موجود ڪاري پرنٽ معدنيات کي گھٽائڻ ۽ داغن کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي.
ان لاءِ اخبار کي پاڻي ۾ ڀڄائي ڇڏيو ۽ ان کي هوريان هوريان ٿانون تي رهڙيو، اخر ۾ گلاس کي صاف ڪرڻ لاءِ خشڪ ڪپڙي جو استعمال ڪريو.
گرم پاڻي ۾ ڀڄائي رکو
گرم پاڻي سان سخت داغ ختم ڪرڻ جو اهو ٽوٽڪو گھڻو سولو آهي، ٿانون کي ڪجهه دير لاءِ گرم پاڻي ۾ ڀڄائي ڇڏيو ۽ انهن کي هوريا هوريان فوم سان اسڪرب ڪريو.
ليمي جي رس ۽ بيڪنگ سوڊا
ليمي جو ايسڊ جتي معدنيات کي ڳارڻ ۾ مدد ڪندو آهي اتي ئي بيڪنگ سوڊا هلڪي اسڪربنگ ايجنٽ جي طور تي به ڪم ڪندو آهي.
ان ٽوٽڪي لاءِ ليمي جي رس، بيڪنگ سوڊا ۽ گرم پاڻي کي سٺي طرح مڪس ڪريو، ان مڪسچر سان ٿانون کي سٺي طرح ڌوئڻ کان پوءِ خشڪ ڪپڙي سان صاف ڪري ڇڏيو.