”اسپنج بم“حماس جي سرنگن خلاف اسرائيل جو نئون ڳجهو هٿيار

غزا (ويب ديسڪ) فلسطين جي آزادي لاءِ سرگرم گروپ حماس طرفان سرائيل تي سرحد پار اوچتو حملي بعد غزا ۾ ويڙهه 21 هين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي، 7 آڪٽوبر جي حملي کان پوءِ اسرائيل غزا تي بمباري ڪري رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 7000 کان وڌيڪ فلسطينيشهيد ٿي چڪا آهن.
اسرائيلي فوج جمعي جي ڏينهن به غزا ۾ داخل ٿي ننڍو زميني حملو ڪيو آهي .
پر اسرائيلي فوجين کي پيش سڀ کان وڏن چئلينجز مان هڪ حماس جون سرنگهون جو وڏو نيٽورڪ آهي، جنهن بابت چيو ويندو آهي ته گروپ ڪيترن ئي ماڻهن کي اتي يرغمال بڻائي رکيو آهي.
مبينا طور تي حماس وٽ مختلف قسمن جو سرنگون آهن جيڪي سوين ڪلوميٽر ڊگھيون ۽ 80 ميٽرز تائين گھريون آهن.
اسرائيل جو ڳجهو هٿيار
سرنگن جي نيٽورڪ ۾ موجود حماس سان وڙهڻ لاءِ اسرائيل مبيان طور تي هڪ ”اسپنج بم“ بڻائي رهيو آهي، جنهن سان ڌماڪي سان گڏ اوچتو گِج نڪرندو آهي جيڪو تيزي سان پکڙجي پوءِ سخت ٿي ويندو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب اسرائيل ڪيميائي دستي بمن جو تجربو ڪري رهيو آهي، جن ۾ ڪو به ڌماڪيدار مادو ناهي، پر ان جو استعمال خالي هنڌن يا سرنگن جي داخلي رستن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي جتان حماس جا ويڙهاڪ نڪري سگھن ٿا.
چيو ويندو آهي ته انهن ڊوائيسز کي حفاظتي پلاسٽڪ جي ڪنٽينر ۾ بند ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ ڌاتي رنڊڪ آهي، جيڪو ٻن ڌار ڌار مائن کي ورهائيندي آهي. چالو ٿيڻ اهو مايع ضم ٿي ويندا اهن ۽ هڪ ڪيميڪل ري ايڪشن ذريعي هڪ اهڙ گج (فوم) بڻائيندا آهن جيڪو ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ انتهائي سخت ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.