پئٽ ڪمنز انگلينڊ جي ناڪامين تي خوش، وڊيو وائرل

ڌرمشالا (ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان پئٽ ڪمنز عالمي ڪپ ۾ انگلينڊ جي لاڳيتو ناڪامين واري سوال تي کلي پيو.

واضح رهي چار نومبر تي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ميچ شيڊيولڊ آهي.

آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز کان جڏهن ته انگلينڊ جي شڪست بابت سوال ڪيو ته هن کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چوڻ لڳو ته انگلينڊ جي شڪست تي افسوس آهي.

پئٽ ڪمنز کان سوال ڪيو ته انگلينڊ جي شڪست تي اوهان جو ڇا ردعمل آهي؟

آسٽريلوي ڪپتان چيوته انگلينڊ سان سدائين سخت مقابلو ٿيندو آهي، کين هارائيندو ڏسڻ افسوسناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.