آمريڪا پاران وچ اوڀر ۾ وڌيڪ فوجي موڪلڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان فلسطين ۾ بربريت جو سلسلو جاري آهي، شهيدن جو انگ 7 هزار کان به وڌي چڪو آهي جڏهن ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ وڌيڪ 900 آمريڪي فوجي موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب پينٽاگون چيو آهي ته گذريل هفتي عراق ۾ گھٽ ۾ گھت 12 ۽ شام ۾ 4 حملا ڪيا ويا، اتهادي فوج جي ٿاڪن تي حملن ۾ 20 کان وڌيڪ فوجي زخمي ٿيا. نئين مقرري جو مقصد آمريڪي فورسز جي حفاظت ۽ هوائي دفاع کي هٿي ڏيڻ آهي.
رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا جي فوجين کي اسرائيل نه موڪليو ويندو، اها مقرري خطي ۾ اسرائيل فسلطين جنگ وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش آهي.
ٻي پاسي حزب الله واضح پيغام ڏنو آهي ته دنيا جي سڀني ويڙهاڪ سامونڊي ٻيڙا به اچي وڃن ته حزب الله کي حماس جي حمايت تان هٿ نٿو کڻائي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.