روس، اسرائيل- فلسطين جنگ سڄي خطي ۾ پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن غزا ۾ اسرائيل جي جنگ سڄي وچ اوڀر ۾ پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ مذهبي اڳواڻن صدارتي آفيس ڪريملن ۾ روسي صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ حماس ۽ اسرائيل ۾ جاري جنگ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي روسي صدر جو چوڻ هو ته غزا ۾ اسرائيل جي جنگ وچ اوڀر کان ٻاهر به پکڙجي سگھي ٿي، غزا ۾ بيگناهه عورتن، ٻارن ۽ پيرسنن تي بمباري غلط آهي، اسان جو بنيادي ڪم خونريزي ۽ تشدد کي روڪڻ آهي.

هن چيو ته اسرائيل فوجي مهم بند نه ڪئي ته جنگ وڌيڪ پکڙجڻ جو خطرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.