ڪچي ۾ موبائيل نيٽورڪ نه هلندو

پنجاب ۽ سنڌ ڪچي جي علائقن ۾ موبائيل فون جي سهولت کي ڪمزور ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪچي جي علائقن جي ٽيگنگ به ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس ر مقبول باقر ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ڌاڙيلن کي اسلحي جي فراهمي جي نيٽورڪ کي مڪمل بند ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته پنجاب آپريشن ۾ هزارين ايڪڙ زمين ڌاڙيلن جي قبضو مان ڇڏائي آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ 11 ڌاڙيلن جون گينگز آهن، جن جو انگ 600 آهي. جڏهن ته مقبول باقر جو چوڻ هو ته گھوٽڪي ۾ پوليس آپريشن جي منظوري ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.