پاڪستان اسٽيل ملز بابت وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽيل ملز کي ڪو به خريدار نه ملي سگھيو جنهن کانپوءِ حڪومت اسٽيل ملز کي خانگائڻ جي لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو جڏهن ته سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بند پيل اسٽيل ملز تي ساليانو 30 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ حڪومت اسٽيل ملز کي بحال ڪرڻ تي غور پڻ ڪري رهي آهي.

سينيٽر خالدا اطيب جي صدارت هيٺ ٿيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو.

نجڪاري ڊويزن جي سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان اسٽيل ملز جو ڪو به خريدار ناهي ملي سگھيو، حڪومت اسٽيل ملز کي خانگائڻ جي لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسٽيل ملز کي بحال ڪرڻ جو پلين بڻايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.