پرڏيهه ۾ پندڙ پاڪستانين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي پرڏيهه پندڙ پاڪستانين  جا پاسپورٽ بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

پرڏيهه ۾ گداگري جي روڪٿام لاءِ ملڪ جي سمورن هوائي اڏن ڏانهن خط لکيو ويو آهي جڏهن ڊي جي ايف آءِ اي جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪ جي هوائي اڏن تي مسافرن جي اسڪريننگ وارو عمل پڻ جاري آهي.

ايف آءِ اي ترجمان موجب، اهڙن عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون به شروع ڪيو ويو آهي.

اختيارن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تان 74 مسافرن کي آف لوڊ ڪري اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪلز منتقل ڪيو ويو آهي جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

ان کانسواءِ ڊي جي ايف آءِ اي محسن بٽ هدايت ئي آهي ته عمري تي ويندڙ سمورن مسافرن جي مڪمل اسڪريننگ ۽ پروفائلنگ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ايئرپورٽ تي موجود ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي مسافرن جي سامان جي به سخت چيڪنگ ڪئي وڃي.

ڊي جي ايف آءِ اي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنڻ ۾ ملوث جوابدارن جا پاسپورٽس بليڪ لسٽ ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.