عمان (ويب ڊيسڪ) اردن جي ملڪه رانيا چيو آهي ته غزا جي صورتحال تي دنيا جو ٻٽو معيار حيران ڪندڙ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ملڪه رانيه جو چوڻ هوته اردن سوڌو سڄي وچ اوڀر جا مانهو، غزا جي تباهي تي دنيا جي ردعمل مان حيران ۽ مايوس آهن. غزا تي اسرائيل جي خطرناڪ هوائي حملن تي اولهه دنيا جي ٻٽي معيارتي ماڻهو مايوسي جو شڪار آهن.
هن چيو ته عرب دنيا جي نظرن ۾ اولهه ”شريڪ ڏوهاري“ آهي، اولهه ملڪ غزا تي حملن ۾ اسرائيل جي حمايت ڪرڻ تي فلسطينين جي قتل عام ۾ برابر جا شريڪ آهن.
ملڪيه رانيه خبردار ڪيو ته حماس کي ختم به ڪيو ويو ته قابض اسرائيل خلاف فلسطينين جي مزاحمت جاري رهندي. ائين جديد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو وڏي پيماني تي انسان تڪليف ۾ مبتلا آهن پر دنيا جنگ بندي جو مطالبو به ناهي ڪري رهي.
سندس چوڻ هو ته عرب دنيا ۾ گھڻا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته اولهه دنيا نه رڳو اهو برداشت ڪري رهي آهي پر اها اسرائيل کي امداد به فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان جي حوصلا افزائي به ڪري رهي آهي.
You might also like