آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ لالا حسين بلوچ جي تعليمي، سماجي ۽ سياسي جدوجهد کي 60 سال گذرڻ تي سندس مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڪيلن صحافين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ اختر حسين چيو ته لالا حسين بلوچ ۽ منهنجو ساٿ وڏي وقت کان آهي اسان ٻنهي اين ايس ايف ۾ گڏ ڪم ڪيو.
سينيٽر طاهر بزنجو جو چوڻ هو ته لالا حسين بلوچ جيڪو سڀ کان ڀلو ڪم ڪيو اهو سياسي، سماجي ۽ تعليمي شعور ڦهلائڻ آهي. هن سڄي زندگي ظلم خلاف جهيڙيو هو جمهوري شخصيت آهي.
ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته لالا حسين هميشه انساني حقن ۽ امن جي ڳالهه ڪئي ۽ اقليتن کي وڏي اهميت ڏني آهي.
رمضان ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته لالا حسين پنهنجي هر هنڌ ساک رکي آهي هو جتي ويندو آهي اها بستي وسندي آهي ۽ هو محنت ڪش آهي. سندس سياست ان وقت به مظلوم جي حمايت ۾ هئي ۽ اڄ به فلسطين جي مظلومن جي حمايت ۾ آهي.
تقريب کي مجاهد بريولي، خالد زارگان سينيئر صحافي سهيل سانگي ۽ ٻين خطاب ڪندي لالا حسين بلوچ جي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.