”قرآن تي يقين رکون ٿا ڪنهن کي به نقصان نه پهچندو“ اسرائيلي قيدي حماس جي انسان دوست رويي مان متاثر

غزا ( ويب ڊيسڪ ) والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي قيد مان آزاد ٿيندڙ 85 ورهين جي اسرائيلي عورت حماس جي ورتاءُ جي ساراهه ڪندي چيو ته قيد دوران حماس جي ميمبرن جو رويو دوستاڻو رهيو، سمورين ضرورتن کي پورو ڪيو.

سومر جي رات حماس طرفان آزاد ڪيل ٻن قيدن مان هڪ 85 سالا اسرائيلي عورت يوشيويڊ لفشٽز ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مٿس اغوا دوران تشدد ڪيو ويو پر قيد دوران ساڻس سٺو ورتاءُ ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ کيس غزا وٺي ويا ۽ پوءِ آلي زمين تي ڪيئي ڪلوميٽر پنڌ ڪري سرنگن جي نيٽ ورڪ تائين پهچڻ تي مجبور ڪيو ۽ اِها ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي هئي.

سندس چوڻ هو ته ڇوڪرن رستي ۾ مٿس تشدد ڪيو پر کيس ۽ چئن ٻين ماڻهن کي هڪ ڪمري ۾ وٺي وڃن کانپوءِ سٺو ورتاءُ ڪيو، حالتون صاف هيون ۽ سڀني کي دوائن سميت طبي امداد ڏني وئي.

اسرائيلي عورت جو چوڻ هو ته حفاظت تي مقرر ماڻهن اسان کي ٻڌايو ته هو قرآن تي يقين رکن ٿا ۽ اسان کي ڪو نقصان نه پهچائيندا.

هن چيو ته هڪ ڊاڪٽر سندس ۽ ٻين يرغمالين جو ٻئي ٽئين ڏينهن طبي معائنو ڪرڻ ايندو هو، قيد دوران حماس ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته کيس ۽ ٻين يرغمالين کي ساڳيون ئي دوائون ملن جيڪي کين اسرائيل ۾ ملي رهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.