پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جي برطانيا منتقلي واري معاملي تي اهم اڳڀرائي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد انٽرنيشل ايئرپورٽ تان افغان پناهگيرن جي برطانيا ۾ آباڪاري لاءِ خاص اُڏامن جي حوالي سان برطانوي هاءِ ڪميشن جي خاص وفد پاڪستان سول ايوي ايشن جي سينيئر اختيارين سان ملاقات ڪئي.

سي اي اي ترجمان موجب، اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن جي وفد جي قيادت پوليٽڪل قونصلر ذوئي ويئر جڏهن ته سول ايوي ايشن سينيئر اختيارين جي قيادت ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ايئر ڪموڊور ( ر) شاهد قادر ڪئي.

ان موقعي تي اي اين ايف، ايف آءِ اي، ڪسٽمز، اي ايس ايف ۽ پي آءِ اي جا نمائندا پڻ موجود هئا.

ملاقات ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن ۽ سول ايوي ايشن اختيارين افغان پناهگيرن جي برطانيا منتقلي لاءِ اُڏامن جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ايوي ايشن ڊائريڪٽر جنرل جو خاص پيغام برطانوي هاءِ ڪميشن وفد کي پهچايو.

برطانوي وفد جي سربراهه ذوئي وئير چيو ته برطانوي حڪومت افغان پناهگيرن جي برطانيا منتقلي لاءِ خاص اڏامن جي حوالي سان سهڪار فراهم ڪرڻ تي پاڪستان سول ايوي ايشن جي ٿورائتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.