افغاني جي رڪشي مان هزارين ڊالر، ريال ۽ يورو هٿ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ رڪشي سوار وٽان وڏي انگ ۾ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب جميل چوڪ رنگ روڊ ۾ رڪشي ۾ سوار سلمان نالي شخص جو واسطو افغانستان سان آهي.

سلمان وٽان هڪ لک 75 هزار يورو، 15 هزار 4 سئو ڊالر ۽ 4 هزار کان وڌيڪ سعودي ريال هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس قانوني ڪارروائي لاءِ ڪيس ٽيرا فنانسنگ سيل سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.