ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جا اثر نظر اچڻ شروع ٿي ويا.
ڊيلرز ذريعن موجب 20 ڪلو اٽي جي ايڪس مل قيمت 50 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2650 رپين تي اچي وئي آهي، مارڪيٽ ۾ 20 ڪلو اٽو 2750 رپين ۾ ملي رهيو آهي.
اهڙي ريت کنڊ جي ايڪس مل قيمت ٻه رپيا گهٽي آهي، کنڊ جو ايڪس مل ريٽ 138 ۽ هول سيل ريٽ 140 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته عام دڪانن تي کنڊ 150 رپين تي برقرار آهي.
گذريل هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ جو گوشت 33 رپيا في ڪلو سستو ٿيڻ کانپوءِ 453 رپين جو ٿي ويو آهي، ٽرانسپورٽيشن لاڳت گهٽجڻ سان ڪڪڙ جو گوشت سستو ٿيو آهي.
ڊيلرز ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته مختلف دالين، چانورن ۽ گيهه جي اگهه ۾ به 50 رپيا في ڪلو تائين گهٽتائي آئي آهي.
You might also like