ويوو جو طاقتور ڪيمرا وارو مڊ رينج فون متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ويوو پنهنجي مڊ بجيٽ فون Y200 کي طاقتور ڪئميرا سان متعارف ڪرايو آهي پر ڪجهه واهپيدار ان کي مهانگو قرار ڏئي رهيا آهن.

‘Vivo: Y200’ 6.67 انچ اسڪرين ۽ فنگر پرنٽ سينسر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.

فون کي Android 13 آپريٽنگ سسٽم ۽ اسنيپ ڊراگن 4 چپ سان متعارف ڪرايو ويو آهي.

فون جي پوئين پاسي ٻه ڪيمرا آهن، جن مان مکيه ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻيو 2 ميگا پڪسل جو آهي.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون جي ڪيمرا کي جديد لينز سان متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪي قدرتي نظارن جهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز رڪارڊ ڪري سگهن ٿا.

‘Vivo: Y200’ جي سامهون هڪ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا آهي، جڏهن ته فون 4800 mAh جي بيٽري سان ڏني وڃي ٿي.

Vivo فون عام طور تي 5000 يا وڌيڪ mAh بيٽرين سان متعارف ڪرايا ويندا آهن.

فون 44 واٽ ٽائپ-سي فاسٽ چارجر سان اچي ٿو ۽ ڪمپني دعويٰ ڪري ٿي ته بيٽري اڌ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ۾ 50 سيڪڙو تائين چارج ٿي سگهي ٿي.

هي فون 8 جي بي ريم سان پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته 128 ۽ 256GB ميموري سان اچي ٿو.

فون ٽن مختلف رنگن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان جي 256GB ميموري ماڊل جي قيمت 80,000 رپيا آهي جڏهن ته ان کان گهٽ واري ماڊل جي قيمت 77,000 رپيا آهي.

جيتوڻيڪ ڪمپني دعويٰ ڪري ٿي ته فون جي بيڪ تي بهترين ڪيمرا آهن ۽ فون جي قيمت به مناسب آهي، پر ڪجهه صارفين ان قيمت کي مهانگو قرار ڏئي رهيا آهن.

فون شروعاتي طور تي ڪجهه ملڪن ۾ لانچ ڪيو ويو آهي، پر اهو جلد ئي پاڪستان ۾ پڻ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.