پاڪستان ٽيم ۾ اختلاف؟ پي سي بي جو ردعمل اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اختلافن وارني خبرن جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ترديد ڪئي وئي آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم ۾ ڪنهن به اندروني تڪرار جي سختي سان ترديد ڪيون ٿا.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم متحد آهي ۽ ڪنهن رانديگر جو ڪنهن سان ڪو به اختلاف ناهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، پي سي بي کي ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ تي مايوسي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.