انگلينڊ کانپوءِ پاڪستان کي شڪست، افغانين ورلڊ ڪپ ۾ ٻيو وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو

چنئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان جي ٽيم هڪ ٻيو اپ سيٽ ڪري ورتو ۽ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کانپوءِ پاڪستان کي به شڪست ڏئي ڇڏي.
چنئي ۾ پاڪستان طرفان مليل 282 رنسن جو هدف افغانستان 49 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
افغانستان طرفان رحمان الله گرباز 65 ۽ ابراهيم زادران 87 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته رحمت شاهه 77 ۽ ڪپتان حشمت الله شاهدي 48 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ حسن علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان بابر اعظم 74، عبدالله شفيق 58، شاداب خان ۽ افتخار احمد 40-40 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
افغانستان طرفان نور احمد 3، نوين الحق 2، محمد نبي ۽ عظمت الله هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته ميگا ايونٽ ۾ افغانستان جي ٽيم ان کان اڳ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي به شڪست ڏئي چڪي آهي.
افغانستان جي ٽيم 5 ميچن مان ٻن ۾ ڪاميابي ماڻي پوائنٽس ٽيبل تي ڇهين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان 5 ميچن مان ٻن ۾ ڪاميابي ماڻي بهتر رن ريٽ سبب پنجين پوزيشن تي آهي.
پوائنٽس ٽيبل تي ڀارت جو پهريون، نيوزيلينڊ جو ٻيو، ڏکڻ آفريقا جو ٽيون ۽ آسٽريليا جو چوٿون نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.