افغانستان خلاف ميچ لاءِ ٽيم ۾ ڪا تبديلي ٿيندي؟

چنئي (ويب ڊيسڪ) افغانستان خلاف سومر تي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ ڪنهن به تبديلي جو امڪان ناهي.
چنئي ۾ افغانستان خلاف به گذريل ميچ واري پليئنگ اليون ئي ميدان تي لهندي، اوپنر فخر زمان بيٽس ۾ بيٽنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي پر هو سڀاڻي جي ميچ کيڏڻ لاءِ مڪمل طور فٽ ناهي، جڏهن ته جمعي تي ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ تائين فٽ ٿي ويندو.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ايندڙ چنئي ۾ افغانستان خلاف سڀاڻي کيڏندي، جڏهن ته گرين شرٽس جو جمعي تي ڏکڻ آفريقا سان چنئي ۾ ئي مقابلو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.