آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش

غزا (ويب ڊيسڪ)غزا ۾ اسرائيلي ظلمن جي باوجود آمريڪا اسرائيل جي حمايت مٿان حمايت ڪري رهيو آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ جو ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ بعد آمريڪا اسرائيل جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، ايران دهشتگرد گروهن کي هٿيار فراهم ڪرڻ بند ڪري اسرائيل مخالف گروهن سبب خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي.
آمريڪا گڏيل قومن جي ٺهرائن کي ويٽو ڪيو هو جنهن ۾ اسرائيل جي خلاف حماس جي حملن ۽ شهرين خلاف هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪئي وئي هئي جڏهن ته غزا جي ماڻهن کي انساني امداد جي اپيل ڪيئ وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.