جلسي تان موٽندي ن ليگ اڳواڻ محمود الحسن روڊ حادثي ۾ فوت

ميرپور (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي علائقي اسلام ڳڙهه ڀرسان گاڏي اونڌي ٿيڻ سبب آزاد ڪشمير حڪومت جو اڳوڻو سيڪريٽري ڊاڪٽر راجا محمود الحسن لاڏاڻو ڪري ويو.
پوليس موجب راجا محمود الحسن لاهور ۾ ن ليگ جي جلسي ۾ شرڪت ڪري واپس اچي رهيو هو، جنهن دوران اسلام ڳڙهه ڀرسان سندس گاڏي اونڌي ٿي پئي.
واضح رهي ته نواز شريف جي 4 سالن کانپوءِ ڏيهه واپسي تي ن ليگ ڪالهه لاهور ۾ مينار پاڪستان تي جلسو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.