ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ موسم وڌيڪ ٽي ڏينهن گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڱاري تائين شهر جي موسم گرمي رهندي، ان دوران گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽِ گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گهٽ کان گهٽ گرمي پد 24 کان 26 ڊگري تائين رهي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ سڄو ڏينهن اتر ۽ اتر اوڀر کان هوائون گهلي سگهن ٿيون، جڏهن ته شام جو ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون گهلڻ جو امڪان آهي.
You might also like