ملتان سلطانز هڪ ٻي عورت ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ملتان سلطانز هڪ ٻي عورت ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون.
ملتان سلطانز انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ايليڪس هارٽلي کي اسسٽنٽ بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو آهي.
ايليڪس هارٽلي 28 ون ڊي ۽ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪري چڪي آهي.
ملتان سلطانز ثقلين مشتاق کي اسپن بالنگ ڪوچ ۽ ٽيم مينٽور به مقرر ڪيو آهي.

واضح رهي ته ملتان سلطانز ان کان اڳ اڳوڻي آئرش عورت ڪرڪيٽر ڪيٿرين ڊالٽن کي فاسٽ بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.