ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار دليپ تاهل کي 5 سال پراڻي ڪيس ۾ ٻه مهينا قيد جي سزا بڌائي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب 2018ع ۾ دليپ تاهر شراب جي نشي ۾ گاڏي هلائيندي هڪ رڪشي کي ٽڪر هنيو هو جنهن جي نتيجي ۾ رڪشي جي سوار نوجوان ۽ عورت زخمي ٿيا هئا.
حادثي بعد ليپ تاهل کي ڀارتي پوليس گرفتار ڪري ورتو هو جنهن کان پوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو پر ڪيس هلي رهيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب مئجسٽريٽ جي عدالت سينيئر اداڪار کي ٻه مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت ۾ ڊاڪٽر بيان ڏنو ته دليت تاهل جي گاڏي مان شراب جي بوءِ اچي رهي هئي ۽ اداڪار به نشي جي حالت ۾ هو.