واٽس ايپ جو مشهور فيچر فيسبڪ جو حصو بڻجي ويو

ميٽا جون 2023ع ۾ ٽيليگرام چينلز جهڙو فيچر براڊ ڪاسٽ چينلز انسٽاگرام جو حصو بڻايو ويو هو.
ان کانپوءِ سيپٽمبر ۾ واٽس ايپ ۾ چينلز فيچر کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ويو.
هاڻي ڪمپني طرفان فيسبڪ ۽ ميسينجر ۾ به ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ميٽا طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ هفتن ۾ فيسبڪ ۽ ميسينجر تي به چينلز جو فيچر واهپيدارن کي دستياب هوندو.
انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ تي واهپيدار چينلز ذريعي ٽيڪسٽ، فوٽوز، وڊيوز، اسٽيڪرز ۽ پوليس وڏي پيماني تي ماڻهن سان شيئر ڪري سگھندا.
چينلز کي ماڻهو فالو ڪري سگھن ٿا پر ان تي پاڻ ڪجهه به پوسٽ نٿا ڪري سگھن.
ميٽا موجب فيسبڪ تي هو فيچر پيجز لاءِ دستياب هوندو ۽ اڃا ان جي آزمائش اهڙن واهپيدارن ۾ ڪئي پئي وڃي جيڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پيجز هلائيندا آهن.
انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ چينلز جو فيچر گھڻو پسند ڪيو ويو آهي جن سان ماڻهن کي پنهنجن پسنديدهه موضوعن بابت ڄاڻڻ جو موقعو ملندو آهي يا اهي مشهور شخصيتن تي اپ ڊيٽس تي نظر رکندا آهن.
واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام تي مختلف شخصيتن جي چينلز تي فالوورز جو انگ ڪروڙن ۾ آهي.
ان فيچر جي مقبوليت کي ڏسي ميٽا ان کي پنهنجي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو حصو بڻائن جو فيصلو ڪيو آهي.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ميٽا طرفان ڪنهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي مشهور فيچر کي پنهنجي ايپس جو حصو بڻايو هجي.
ان کان اڳ سنيپ چيٽ جي اسٽوريز ۽ ٽڪ جي ننڍين وڊيوز جهڙو ننڍين وڊيوز جو فيچر به ميٽا جي ايپس جو حصو بڻجي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.