سٺو کاڌو نه پچائڻ تي مڙس زال خلاف عدالت پهچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت سٺو کاڌو نه پچائڻ تي مڙس زال مان جان ڇڏائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ هڪ مڙس زال جي سٺو کاڌو نه پچائڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ طلاق وٺڻ لاءِ عدالت پهتو.
ڀارتي مِيڊيا موجب مڙس زال تي الزام لڳايو ته هن جي زال کيس مائٽن جي آڏو بي عزت به ڪندي آهي ۽ جهيرو ڪري هوءَ ڌار به رهي ٿي جڏهن ته هڪ ڀيرو زال کي ٿڪ به هنئين هئي پر بعد ۾ هن معافي ورتي هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب زال مڙس جي سڀني الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي انهن کي رد ڪندي چيو ته سندس مڙس هن کي حق ناهي ڏيندو ۽ هن تي ٺٺول ڪندو آهي، مڙس ذهني بيمار به آهي ۽ ڊاڪٽر جي هدايت موجب دوا به ناهي کائيندو.
ميڊيا رپورٽس موجب جڏهن اهو ڪيس عدالت ۾ ويو ته جج ٻڌڻي دوران چيو ته ڪنهن کي سٺو کاڌو نه پچائڻ سبب طلاق نٿي ڏئي سگھجي جنهن کان پوءِ عدالت طلاق جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.