ڀارت لکين ماڻهن جي زندگي ڏکي بڻائي رهيو آهي:ڪينيڊين وزيراعظم

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ڪينيڊين سفارتڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون سان ڀارتي حڪومت ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي زندگي ڏکي بڻائي رهيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب جسٽن ٽروڊو جو اهو بيان ڀارت مان 41 سفارتڪارن کي فوري طور تي واپس گھرائڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي.

ڪئناڊا گذريل ميهيني الزام لڳايو هو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را هنن جي شهري هرديپ سنگهه نجر کي قتل ڪيو جيڪو خالصتان تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ هو. ڀارت اهڙن الزامن کي رد ڪيو آهي.

جسٽن ٽروڊو پنهنجي هاڻوڪي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي زندگي ڏکي بڻائي رهيو آهي، ڀارت سفارتڪاري جي بنيادي اصولن کي نظرانداز ڪندي ائين ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اهو نه رڳو مون لاءِ پر انهن لکين ڪينيڊين شهرين لاءِ به ڳڻتي جو سبب آهي جيڪي پاڪ ۽ هنڌ کنڊ سان گھرو واسطو رکن ٿا.

سندس چوڻ هو ته اسان جي سفارتڪارن جي بي دخخلي سان نه رڳو سفر ۽ واپار ۾ رنڊڪ بڻبي پر ان سان ڪئناڊا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڀارتي شهري به متاثر ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.