ڪنگنا رناوت ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فاتح بابت وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پنهنجن تڪراري بيانن سبب خبرن ۾ رهندڙ ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 انڊيا کٽيندو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪنگنا رناوت پنهنجي نئين فلم ”تيجاس“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي جيڪا 27 آڪٽوبر تي سينيما گھرن ۾ نمائش لا3 پيش ڪئي ويندي.
ڪنگنا رناوت جو نالو سوشل ميڊيا تي گھڻو ٽرينڊ ڪري رهيو آهي جنهن جو سبب سندس فلم نه پر ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع بابت ڏنل بيان آهي.
فلم جي مشهوري دوران هن اڳڪٿي ڪئي ته ڀارتي ٽيم آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کڻندي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي گھڻي وائرل ٿي رهي آهي.
اداڪارا جي بيان کي جتي مداحن ساراهيو آهي اتي ئي ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن مٿس تنقيد به ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.