اڄ فلسطين سڀاڻي اسان! اداڪارا زارا نور عباس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا زارا نور عباس منظلوم فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اڄ فلسطين سان جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي اهو سڀاڻي اسان سان به ٿي سگھي ٿو.
سوشل ميڊيا تي زارا نور عباس جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ فلسطين جي حمايت ڪندي نظر آئي، اداڪارا چيو ته اسان جو ابن ڏاڏن پاڪستان لاءِ ان ڪري قربانيون ڏنيون هيون ته جيئن مستقبل ۾ جڏهن به ڪنهن مسلمان تي ظلم ظلم ٿئي ته اسان انهن جي حق ۾ ڳالهائي سگھون.
هن اسرائيل فسلطين ڇڪتاڻ تي خاموش رهندڙ فنڪارن کي مخاطب ڪندي چيو ته مهرباني ڪري! هن وقت وساري ڇڏيو ته عالمي سطح تي اوهان جو ڪو آڊيشن ٿيڻ وارو آهي يا اوهان ٽام ڪروز سان گڏ ڪا وڏي فلم ڪرڻ وارا آهيو، اهو وقت چپ رهڻ جو ناهي پر حق لاءِ آواز اٿارڻ جو وقت آهي.
سندس چوڻ هو ته جيئن دنيا کي فلسطين جي پرواهه ناهي، بلڪل ائين ڪنهن کي پاڪستان جي پرواهه به ناهي تنهنڪري اڄ ظلم خلاف ڳالهايو، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اسان حق تي آهيون.
زارا نور عباس چيو ته اسرائيل سان گڏجي وڏي پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي ڇو جو هنن کي اسلام ۽ مسلمانن سان مسئلو آهي، ان ڏکئي وقت ۾ سڀئي مسلمان هڪ رهن.
اداڪارا چيو ته اڄ جيڪو ظلم فلسطيني سان ٿي رهيو آهي، اهو سڀاڻي اسان سان به ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن اڄ خاموش رهيو ته سڀاڻي اسان لاءِ ڪو به نه ڳالهائيندو.
آخر ۾ هن اپيل ڪندي چيو ته اوهان سڀني کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي ذريعي حق جو ساٿ ڏيو، سڀاڻي اسان تي به تباهي اچي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.