ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ اولهه عربي سمنڊ ۾ ٺهيندڙ هواءِ جو انتهائي گھٽ دٻاءُ ڊپريش ۾ تبديل ٿي ويو جنهن کان پوءِ اهو سامونڊي طوفان جي شڪل اختياري ڪري سگھي ٿو.
موسميات کاتي طرفان ڏکڻ اوڀر عربي سمنڊ ۾ هوا جي گھٽ دٻاءُ ٺهڻ بابت پڌرائي جاري ڪئي وئي. جنهن موجب هوا جو گھٽ دٻاءُ ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ امڪان آهي ته ماحول سبب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اهو ڊپريشن ٽروپيڪ سائڪلون (سامونڊي طوفان) جي شڪل اختياري ڪري سگھي ٿو.
موسميات کاتي جي جاري ڪيل الرٽ موجب ڊپريشن جو مفاصلو ڪراچي کان 1810 جڏهن ته گوادر کان 1750 ڪلوميٽر آهي، شدت اختيار ڪرڻ بعد سامونڊي طوفان جو ٽريڪ اولهه ڏانهن رهندو.
موسمياتي کاتي موجب طوفان بڻجڻ بعد ان جو رخ عمان ۽ يمن ڏانهن رهندو. پاڪستان سمنڊ ۾ ٺهندڙ سرگرمي سبب پاڪستان جي ڪنهن به سامونڊي هنڌ کي خطرو ناهي، ڪجهه عالمي ادارن موجب اهو هلندڙ سال عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ ٻيو وڏو طوفان آهي، ڊپريشن سان سائڪلون بڻجڻ جي صورت ۾ ان جو نالو تيج رکيو ويندو، جيڪو ڀارت جو تجويز ڪيل آهي.
Next Post
You might also like