غزا (ويب ڊيسڪ) غزا جي اسپتال تي حملي کان اڳ ۽ بعد اسرائيلي بيان ڪوڙ جو ثبوت بڻجي ويا.
غزا جي اسپتال تي وحشياڻي حملي کان ڪجهه دير اڳ اسرائيلي وزيراعظم سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پوسٽ ڪئي ته اها جنگ اونداهه ۽ روشني جي اولاد جي وچ ۾ آهي، بعد پوسٽ کي ڊليٽ ڪيو ويو.
حملي بعد اسرائيلي وزيراعظم پوسٽ ڪئي ته اسرائيلي فوج غزا جي اسپتال ۾ لڪيل حماس جي دهشتگردن کي نشانو بڻايو، پوءِ اها پوسٽ به نه رڳو ڊليٽ ڪئي پر معافي به گھري.
پر ڪوڙ مڙهڻ جو سلسلو جاري رهيو، اسرائيل جي سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽ اسرائيلي هوائي فوج جي وضاحت جاري ڪئي جنهن ۾ حماس جو راڪيٽ اسپتال ۾ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، پر اسپتال تي حملي۽ اسرائيلي پوسٽ ۾ حملي جي راڪيٽ ڪرڻ جي دعويٰ جي وڊيو ۾ تقريبن 40 منٽن جو فرق نڪري آيو، جنهن تي وڊيو هٽائي وئي پر ڪوڙي دعويٰ برقرار رهي.