سنڌ جي شاگردن لاءِ وڏي خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي شاگردن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي، صوبائي حڪومت سرڪاري ڪاليجن ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ ڊپلوما جي شروعات جو فيصلو ڪيو آهي.
اڄ جي جديد دور ۾ جتي ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ اثرن زندگي جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، اتي ئي تعليم جي شعبي ۾ به ٽيڪنالاجي جو اثر محسوس ڪيو پيو وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعن مان فائدو کڻڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ موجوده دور جي گهرجن کان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.
ان کي ئي ڏسندي سنڌ حڪومت طرفان وڏو فيصلو سامهون آيو آهي ۽ صوبي جي سرڪاري ڪاليجن ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ ڊپلوما جي شروعات ڪئي وئي آهي.
ڊائريڪٽر جنرل آف ڪاليجز طرفان ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب سنڌ جي سرڪاري ڪاليجن ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ ڊپلوما جي شروعات ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.